اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آ??ي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي ??ظيفا وٺندا رهيا، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪيس ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪن??ڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪاري آفيسرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي ??ائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاران فراڊ ذريعي ??الي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.