ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو م??ابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال آهي، ڪوالالمپور سرب??اه?? اجلاس جو م??صد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گم??اه?? ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس ا??لامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.