اسلام آباد – 10 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي ??حت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪ??دڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي ان??شار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائين پنهنجي واري جو ان??ظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.