اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائر?? بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اول??ه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ??يو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائت?? مشورن سان عوام ۾ وائر?? بابت شعور اجاگر ٿيو آهي.