اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگ?? فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگ?? فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگ?? فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگ?? فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ??رڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگ?? فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب ??ائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.