پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان خيبرپختونخوا جي گور??ر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري ??هن??و، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان ??با تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان ??وقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان ??وقعي تي خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.