اسلام آ??اد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال آهي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو ??اڻ ئي ان تي عمل ڪ?? ٿا.