اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاق?? گادي واري شهر اسلام آباد جي قدرتي حسن کي محفوظ رکڻ ۽ ماحوليات جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ته ماضي ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ قبضا مافيا جي ڪاررواين جي ڪري وفاق?? گادي واري شهر اسلام آباد ۾ واقع گرين ايرياز کي شديد نقصان پهتو آهي، گرين ايرياز جي تحفظ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ ا??ين اسلم سان ملاقات دوران ڳالهائ??ند?? ڪيو.