اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته 1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو ??عاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، نيب شگر ڪميشن جي رپورٽ تي 9 شگر ملز کي گذريل 5 سالن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي فوجداري ڪارروائي ڪندو، سيلز ٽيڪس ۽ بي نامي ٽرانزي??شن?? جو ??عاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليو پيو وڃي، چٽاڀيٽي ڪميشن کنڊ جي ڪاروبار جي 90 ڏينهن ۾ جاچ ڪندي، جعلي روانگي واپار ۽ مني لانڊرنگ جي ايف آءِ اي جاچ ڪندي، کنڊ جي قيمتن کي پيداواري لاڳت جي تناسب سان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزير حماد اظهر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪو به شخص ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ جون سفارشون قائدين کي پيش ڪيون. شگر ڪميشن جي سفار??ن ۽ ٻين ماهرن جي مشاورت سان ان حوالي سان قدم کڻڻ جو ??يصلو ڪيو جن جي منظوري وزيراعظم عمران خان بني گالا ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني.