اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ شام 4 وڳي ٿيندو، اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. قومي اسيمب??ي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ 23 نقاطي ايجندا جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻن ڌيان ڇڪايو نوٽيسز کانسواءِ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪرڻ ۽ قانونسازي بابت بزنس شامل آهي. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ترميمي بل 2020?? ۽ دهشتگردي ج?? خاتمو ترميمي بل 2020?? منظوري جي لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن.