اسلام آباد – 26 جولاءِ (ا?? پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن ج?? پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي ??ق ک??ن طاقت جي ??ور تي محروم ڪ??ي رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي ??لاف جدوجهد ڪ??ي رهيا آهن. ا?? پي پي کي ڏنل پنهنجي ??نٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته عالمي برادري هاڻي خرگوش جي ??واب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير ج?? تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي ??اص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ??ياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جا??ي رکندو.