اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ??طل??عات ?? نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيابان سهروردي روڊ تي ??طل??عات ?? نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙ مودي سرڪار جي ظلمن ۽ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان خيابان سهروردي روڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان احتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت ??طل??عات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ??طل??عات ?? نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ??طل??عات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪشمير جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا آهي هندوستان کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان بدمست هاٿي وانگر خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ڪشمير جي مظلوم، معصوم ماڻهن سان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هن سري نگر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آ??ي، اسان هن ايڪسپريس وي تان سرينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي مدد ڪندي انهن کي ڀارتي ڌاڍ کان آزاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ڪشميري آزادي جو ساهه کڻندا. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آ??ي، ان منافقاڻي رويي سان عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آ??ي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو استعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهير??ءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آ??ي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ايم ڊي طارق محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل علي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت ??طل??عات ?? نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.