اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ماڊل پناهگاهن جي قيام ۽ ان??ن ۾ فراهم ڪيل معياري سهولتن تي ??طم??نان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بي سهارا ۽ ڪمزور ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگا??ن ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ پناهگا??ن ۾ رهندڙ مزدورن، بي سهارا ماڻهن جي خدمت کي يقيني بڻايو وڃي، معياري پناهگاهن جي قيام ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي س??هه ڏيڻ جي حوالي سا?? حڪومت طرفان سمورا ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ سا?? گڏوگڏ سرندي وارن ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي، پاڪستاني قوم ۾ خدمت خلق جو بي پناهه جذبو موجود آهي ۽ حڪومت طرفان اهڙن ڪوششن جي آجيان ڪئي ويندي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ قائم پنج پناهگاهن جي اپ گريڊيشن ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ بهترين سهولتن سا?? آراسته پناهگاهن جي تفصيلي نيٽ ورڪ جي قيام جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.