اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي ح??لت?? جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي ??دارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي ??ريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي ??والي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي ??حفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي ??والي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي ??ريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف ط??يقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي ??نگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي ح??لت?? جي ??اوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ??ميداري آهي، اسان کي پنهنجي ??ميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.