اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي ??يا??ت ترڪ ڪري، اسان جي ??من جي ??واهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسلامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪيو وڃي. اهڙا خيال هن پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان پريڊ کي خاص مهمان جي ??يثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ ??وس?? ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ ??وس?? ملڪ اسان سان گڏ آهن، هن چيو ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزادي جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي ??نياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ويو، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سالن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چيو ته علمي، اقتصادي، ??يا??ي ۽ سماجي ??عبن ۾ ترقي سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته اسان جون دلير ۽ بهادر فوجون اسان جي ??ودداري ۽ غيرت جي ??ڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي ??فاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفري، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي ??ورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي ??فاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر چيو ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ ملڪي دفاع لاءِ ڏينهن رات چُست ۽ چالاڪ آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ويو، جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آهي، اسان خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سان مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪيو، اسان ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ??رقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سان بدلجي ??هيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سفارت ۽ معيشت جي ??عبن ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جم??وري مملڪت بڻائڻ آهي.