اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان صوما??يه جي سفير مس خديجه محمد الامخدومي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن سميت علائقائي صورتحال، واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان صوما??يه سان گڏيل لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي گهڻ رخي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، س??نيٽ چيئرمين چيو ته صوما??يه سان واپاري ۽ اقتصادي ۽ عوامي ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? ٻئي ملڪ سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي عالمي فورمن تي حمايت ڪئي آهي جيڪو قابل تحسين آهي، س??نيٽ چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي بهترين تعاون موجود آهي جتان مسئلن جي حل لاءِ نه رڳو قدم کنيا ويندا آهن پر گڏيل لائحه عمل به اختيار ڪيو ويندو آهي.