اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو ن??ب جي چي??رمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ن??ب جي چي??رمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع ??ابت ن??ب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن ن??ب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان دوران گذريل سال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عد??لت?? ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چي??رمين چيو ته سال 2020ع ??وران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي رڪوري ڪرڻ تي ن??ب جي واکاڻ ڪئي.