اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ الي??شن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊي?? لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، هڪ مضبوط الي??شن ڪميشن جنهن تي ??مو??ين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظام لاءِ ??هي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظام جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي اتفاق راءِ ??ياسي نظام کي استحڪام ڏيندو.