اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت د??يا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، حڪومت پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ريليف جي ڪري عوام تي عالمي سطح جي مهانگائي جو گهٽ کان گهٽ اثر منتقل ٿيڻ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. مملڪتي ??زير چيو ته يو اين ايف اي او جي تازي رپورٽ سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 127 سيڪڙو ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي قوم کي هر صورتحال کان آگاهه رکڻ جي نئين روايت قائم ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريب، وچولي ۽ پيڙهيل طبقن جو وڌيڪ فڪر آهي. حڪومت احساس پروگرام متعارف ڪرايو ۽ هن وقت احساس پروگرا?? تحت 34 سماجي تحفظ جا پروگرام ڪامياب سان هلي رهيا آهن. مملڪتي ??زير چيو ته کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين ?? ٻين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڏهاڙي جي بنياد تي ??فاق ۽ صوبن جي سطح تي ??دم ک??يا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاش (ن) ليگ ڪڏهن سچ به ڳالهائي سگهي، هن وقت د??يا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سڀ کان گهٽ اثر پاڪستان تي ??يو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي شروعات 7 عروج جي دوران به پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. هن چيو ته ماضي ۾ عوامي ريليف جا اعلان رڳو نعرن جي حد تائين ئي هئا، عملي طور تي ??نهنجا ئي کيسا ڀريا ويا. مملڪتي ??زير چيو ته اڄ ملڪ جي اندر جيڪا به مهانگائي، بيروزگاري آهي ان جي ذميوار (ن) ليگ آهي، حقيقت ۾ (ن) ليگ نيب کان اهڙو اين آر او چاهي ٿي جنهن ۾ انهن جا سمورا ڪيسز هڪدم ختم ٿي وڃن. هن چيو ته (ن) ليگ 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ ملڪ جي هر اداري کي مفلوج ڪيو، انهن جي ترجيح ڪرپشن، ڪميشن، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس هئي، 1998ع کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ملڪ ڊيفالٽ تائين پهچي ويو. فرخ حبيب سوال اٿاريو ته آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان اڳ ڪير ويو ۽ ڇو ان جي ضرورت پئي.