برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغ??نس??ان ۾ تيزي سان اڀرندڙ ??نس??ني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي ??نس??ني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغ??نس??ان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??ون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغ??نس??ان ۾ تيزي سان اڀرندڙ ??نس??ني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي ??نس??ني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزير افغ??نس??ان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغ??نس??ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افع??نس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ ??نس??ني بحران طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغ??نس??ان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.