بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ??سل?? ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ??سل?? ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندي، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ خدمت ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها خدمت ڪندڙن کي چونڊيندي. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو پراڻو مطالبو پورو ٿيو، مون کي نواز شريف جي خصوصي ه??ايت هئي ته 20 س??لن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو نه مليو اهو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، ??سل?? ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهيون هيون جڏهن ته اهو ??سل?? ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي حصي ۾ آيو ته ملڪ ۾ ترقي جا منصوبا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.