اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم عوام ت?? ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم ع??را?? خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي، تمام جلد دنيا آڏو ڀارت جو مڪروهه چهرو وزيراعظم جي قيادت ۾ بي نقاب ٿيندو، پاڪستان ڪشمير جي آزادي تائين والاريل وا??يءَ جي معصوم عوام جي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، والاريل وا??يءَ جي اندر هندستاني فوج انسانيت جي جيڪا تذليل ڪري رهي آهي ان جو مثال نه ٿو ملي، انسانيت سان جن جو تعلق ۽ رشتو آهي اهي آواز بلند ڪري رهيا آهن. هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪرفيو ۽ ڪميونيڪشن لاڪ ڊائون جا 50 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي ڪشميري ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پارليامينٽ آڏو پاڪستان سوئيٽ هوم جي معصوم ٻارن جي احتجاجي ڪئمپ ۾ خطاب ڪري رهي هئي.