اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذ??بي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريد?? ۾ ??يهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذ??ت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذ??بي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تد??رڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذ??بي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.