اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عو??م کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان ??و??م کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره ??ندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمضان ??لمبارڪ دوران ??گهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿ??م کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران ??سپيڪر کي رمضان ??ي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.