اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف يونان ۾ ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه ??هي جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، گهرو وزير واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهب??ز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه ??هي جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي جان هلي ويندي ??هي ۽ هر سال ڪيترائي گهر اجڙي ويندا ??هن، انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا ??هي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پيسا وٺي ٿو. وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن هو اهڙي گٿي فعل کي نه ورجائن، اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.