اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪ??بينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شريف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني.