اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ال??ي اڳواڻن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ??ال??ي مالياتي ادارن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. ??ال??ي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردع??ل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کو?? نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.