اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جي قان??ني مسودي جي مخالفت، قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ آهي، مخالف ڌر احتساب کان بچڻ لاءِ مايوسي ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ??وشش ڪري رهي آهي، ناڪامي انهن جو مقدر ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته مخالف ڌر جو ايف اي ٽي ايف جي قان??ني مسودي جي مخالفت، قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ آهي، کيس ”انساني حقن“ جو نه ”ڏوهاري حقن“ جو تحفظ عزيز آهي، ناڪامي سندن مقدر ??هي.