اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چ??ئرمين ڊاڪٽر جاسو مل ٽي ليماڻي جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سيني?? چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپهه جي ??صل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ معياري ٻج ۽ جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪ??ي آبادگارن ۾ متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا ??صل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ۽ جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائي?? بهتري ممڪن نه آهي.