اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سال 21 -2020ع لاءِ ڪابينا جي سامهون ڪڻڪ جي گهٽ کان گهٽ ??مد??دي قيمت 1600 رو??يا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي ٽريڊنگ ڪارپوريشن لاءِ شروعاتي طور تي مختص ڪيل 1.50 ملي?? ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي ماپي کي 1.80 ميل?? ميٽرڪ ٽن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن فيبروري جي وچ ڌاري خيبرپختونخوا ۽ سنڌ لاءِ اضافي 0.30 ملي?? ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، اي سي سي 3 نومبر کانپوءِ مدي ۾ اي??ري ٽيڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزرز لاءِ 772 رو??يا في ايم ايم بي ٽي يو جي اگهن جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.