اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، ??ناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويز?? جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿ?? جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پتو اليڪشن ڪميش?? جي سامهون ??حت??اج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو ??حت??اج منه?? جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.