اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا ج?? خلاف سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي، ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن مافياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چي?? ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام جي روين ۾ تبديلي آئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ج?? صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا ج?? ٻين ملڪن ۾ اهي، هن چي?? ته ڀارت جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان کانسواءِ افغانستان ۾ امن عمل جي حوالي سان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چي?? ته ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي سان ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد ع??ل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿ?? ته اسان جو رد ع??ل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد ع??ل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو ه?? ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پارليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، پارليامينٽ ۾ ان سڄي معاملي تي بحث ڪيو ويندو ۽ اهڙو حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چي?? ته اسلامو فوبيا ج?? خلاف دنيا ۾ سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي.