اسلام آباد – 31 R11; مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊگهي مدي واري منصوبن ۽ منصوبابندي طرف گامزن آهي، 10 ڊيمن ??ي تعمير ان سلسلي جي ڪڙي آهي، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۾ جدت آڻي رهيا آ??يون، ٻه نوان ماحول دوست شهر ٺاهيا پيا وڃن، صحت ڪارڊ حقيقت ۾ صحت جو هڪ پورو نظام آهي، هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرائي رهيا آ??يون، معاشي استحڪام کانپوءِ هاڻي دولت ٺاهڻ اسان جو ه??ف آهي. هو واپڊا پاران پاڪستان جي پهرين گرين يورو (انڊس بانڊ) جي باضابطه جاري ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو.