بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??کڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، هن ??طي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ پاڻي بابت سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آه?? جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد آهي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ??کڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ تعمير تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مقامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، طارق بش??ر چيما، سيد فخر امام، خاص معاونين جمشيد اقبال چيما، ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر عون عباس بپي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت، قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب ۽ ٻين قومي ۽ صوبائي اسيمبيل ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بهاولپور ڊويز?? جي مجموعي صورتحال جنهن ۾ معاشي، سماجي، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ خاص طور تي زراعت جي پيداوار تي تفصيلي بري??نگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بهاولور ڊويزن ايراضي جي لحاظ کان پنجاب جي سڀ کان وڏي ڊويزن آهي، جنهن ۾ پسماندگي جي شرح پوري پنجاب ۾ ٻئي نمبر تي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ??کڻ پنجاب پئڪيج ۾ سمورن ضلعن ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جا منصوبا شامل آهن. جڏهن ته ان ڊويزن ۾ پنجاب جي 50 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ، سٺي ٻج جي فراهمي، آبادگار?? جي مدد، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پاڻي جي مسئلن جو حل شامل آهي. صنعت?? جي ترقي لاءِ صنعتي زونز ۾ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ ۽ موجوده صنعتن ۾ ويليو ايڊيشن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بري??نگ ڏني وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چولستان ۽ بهاولپور جي ماسٽرن پلان تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چولستان ۾ اسڪولن کي سولرائز ڪرڻ، اسپتال?? جي تعمير ۽ بهاولپور کي سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي لاءِ رستي جي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ بري??نگ ڏني وئي. ??کڻ پنجاب جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رولز آف بزنس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنه?? جي جلد منظوري ورتي ويندي. 40 مان 15 صوبائي کاتن کي ??کڻ پنجاب ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، گذريل 6 مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جا معاملا ڏسي رهيو آهي، ??کڻ پنجاب جي ملتان ۽ بهاولپور ۾ عمارت?? جي تعمير تي اڳڀرائي بابت پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ان کانسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال بجيٽ ۾ ??کڻ پنجاب جي لاءِ 189 ارب رپي?? جي رقم سان 2491 منصوبا شامل آهن جن مان 91 سيڪڙو جي منظوري به ٿي چڪي آهي، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي جنه?? جي حوالي سان حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ??کڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڻي انسا?? جي بنيادي ضرورت آهي ۽ هن ??طي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ لاڳاپيل سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آه?? جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ڪري ٿو. تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن بهاولپور ڊويز?? جي مختلف ضلعن ۾ عوام کي درپيش مسئلن ۽ ا?? جي تدارڪ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون.