اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ اف??ان??تان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ش??ڪت ڪئي. پرڏيهي وزير برطانوي پرڏيهي وزير کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن اف??ان??تان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان اف??ان??تان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان ۽ برطانيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ اف??ان??تان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل تازن رابطن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته اف??ان??تان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته اف??ان??تان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته اف??ان??تان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سِکن??ي اف??ان??تان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته اف??ان??تان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي اف??ان??تان ۾ امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اف??ان??تان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، اف??ان??تان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. اف??ان??تان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن کي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراه?? ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه اف??ان??تان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڪابل مان برطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي اف??ان??تان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستان کي ريڊ ل??ٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسان کي اميد آهي ته برطانيه انگن اکرن کي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ ل??ٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.