اسلام آباد ??? 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪ فوج جي لانس نائيڪ عادل جان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ هيستائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهي?? ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ شهي?? ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي.