فيصل آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت عوام کي معياري ۽ سستي ضرورت جي شي?? جي فراهمي جي لاءِ هڪ ??ال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 24 ارب رپي?? جي سبسڊي ڏني آهي جڏهن ته 1 ڪروڙ 24 لک مستحق خاندانن کي سستي ضرورت جي شي?? جي فراهمي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي عمل جي شروعات ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 5 لک رپي?? جي بنا وياج جي قرض?? جي فراهمي جا معيشت تي مثبت اثر پوندا. عثمان گارڊن احمد آباد فيصل آباد ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي افتتاح جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۾ هن چيو ته اسان جو علائقو ٻين علائق?? جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هتي محدود وسيلن وارا ماڻهو ??هن ٿا تنهن ڪري اسا?? جي ڪوشش آهي ته هتا?? جي ماڻهن کي سمورو ممڪن ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته هتي نئين يوٽيلٽي اسٽور جو قيام انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته ان کان اڳ بئنڪون وڏين وڏين پارٽين، ملز، فيڪٽرين ۽ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ئي قرض ڏينديون هيون پر وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪن کي راضي ڪيو آهي ته اهي عام ماڻهن ۽ بي وسيلن وارن نوجوانن کي پڻ قرض فراهم ڪن. هن چيو ته حڪومت کي عوام جي مسئل?? جي چڱي ريت خبر آهي انهي لاءِ سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ انشاءَ الله هلندڙ سال ڊسمبر جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن سان اهي ساليانو 10 لک رپين تائين پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاين جو پسند جي ڊاڪٽر کان پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. فرخ حبيب چيو ته اهو ??ي مديني جي رياست جو تصور آهي جنه?? جي ڳالهه وزيراعظم عمران خان ڪندو آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ذاتي مفاد جي لاءِ ڪميش?? جي چڪرن ۾ بجلي جا مهانگا ڪارخانا لڳرايا پر ٽرانسميشن سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو اهڙي طرح هاڻي اسان بجلي استعمال ڪريون يا نه ڪريون اسان کي هر سال 1500 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر ا?? جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان عوام جو احساس ڪندي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ شمسي توانائي ۽ هائيڊل بجلي جا منصوبا شروع ڪيا جڏهن ته ان سلسلي ۾ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن ج?? جي مڪمل ٿيڻ سان جتي 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي اتي هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ جي لاءِ پاڻي پڻ ذخيرو ڪري سگهبو. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام موجوده حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي ڇو ته اسا?? جي ملڪ ۾ تمام وڏي انگ ۾ اهڙا نوجوان موجود آهن جن وٽ هنر، صلاحيت ۽ بهترين ڪاروباري آئيڊياز ته هئا پر سرمايو نه هو ??نهن ڪري حڪومت انهن کي قرض?? جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري نوڪري?? جي لاءِ ڌڪا کائڻ بدران پاڻ ٻين کي نوڪريون فراهم ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته شريفن رڳو پنهنجا اثاثا ٺاهيا پر ملڪ کي ڪنگال ۽ مقروض ڪري ڇڏيو پر جڏهن انهن کان انه?? جي اثاثن ۽ ايتري وڏي دولت اچڻ جو سورس پڇيو وڃي ٿو ته اهي ڪو جواب ڏيڻ بدران گارين ۽ ڌمڪين تي لهي اچن ٿا ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته عمران خان عوام جي لاءِ سادي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ هن شريفن ۽ زرداري?? جي ابتڙ ڪروڙين رپي?? جي سرڪاري خرچ سان ڪئمپ آفيسون ناهن ٺاهيون ۽ هو ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ٻاهرئين دورن ۾ پاڪستا?? جي وقار ۽ برابري جي ڳالهه ڪئي آهي، هو پرچين کي ڏسي ۽ ڪنڌ جهڪائي ڊڄي ڊڄي ڳالهه ڪرڻ بدران ڪنڌ کڻي ۽ اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه ڪري ٿو. مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته عالمي سطح تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري پروڊڪشن ۾ گهٽتائي جي ڪري سڄي دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به اسان عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسحاق ڊار پيٽرول تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي وٺي رهيو هو ??نهن کي اسان 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو اهڙي طرح پيٽروليم ليوي ۾ به گهٽتائي ڪئي ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي. فرخ حبيب چيو ته سندس تڪ ۾ 42 يونين ڪائونسلز آهن ۽ انهن سمورين يوسيز ۾ شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽس هنيا پيا وڃن جنهن سان گڏوگڏ رست?? جي تعمير، ڊسپينسريز جي مرمت ۽ توسيع، پارڪس قائم ڪرڻ ۽ ٻين بنيادي سهولت?? جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته 70 سال?? جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ حڪومت عوام جي سهولت لاءِ جن منصوب?? جي شروعات ڪئي آهي انهن جا مستقبل ۾ شاندار نتيجا حاصل ٿيندا ۽ شهري انهن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهندا. ان موقعي تي هن يوٽيلٽي اسٽور جو افتتاح ڪيو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. افتتاحي تقريب جي موقعي تي علائقي جي رهواسين ۽ معززين جو وڏو انگ پڻ موجود هو.