گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ا??ا ڳالهه صحيح آهي ته ا??غانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاه??ون ٿا ته ا??غانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاه??ون ٿا ته ا??غانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آ??ون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته ا??غانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ??قت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.