اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب مي??لو?? چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي ??يو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪي جي اصولي موقف ۽ ??اڪ??تان جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميرين جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن ??يو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي ??يو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي ??يو ته ??اڪ??تان عالمي برادري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو ??يو اچي، اسان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، ??اڪ??تان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.