اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهد??دا??ن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ لازمي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل ميمبر صحافي برادري جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري ۾ پاڪستان جي بهتر اميج ??ي اجاگر ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر تيمور جدون، جنرل س??ڪر??ٽري لقمان شاهه، چيئرمين وقار عباسي، سرپرست اعليٰ وقار فاني، فنانس س??ڪر??ٽري شاڪر عباسي، نائب صدرن عمر حيات، حاجي وحيد، جوائنٽ س??ڪر??ٽري چنگيز جدون، نواز احمد، س??ڪر??ٽري اطلاعات ارشد خان تنولي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.