اسلام آب??د ?? 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا عوام کي صحت ڪارڊ تائين نه ڏئي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا نه عوام کي صحت ڪارڊ نه ڏئي سگهي ۽ نه ئي راشن سپو??ٽ پروگرام ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون عوام کي صحت ڪارڊ ڏئي رهيون آهن ان کانسواءِ راشن سپو??ٽ پروگرام ۾ پ?? 65 سيڪڙو حصو وجهي رهيون آهن.