اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي ??رب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي ??رب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن نئين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آهن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي ??رب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي ??رب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي ??رب پاران 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي ??رب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. سعودي ??رب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته سعودي ??رب پاران پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو ??ڻي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا نئين سگهه اختيار ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هر شهري سعودي ??رب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل ??لا??قن جا مستحقين فائدو کڻندا. واضح رهي ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل ??لا??قن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فائدو کڻندا.