اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عا??مي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پا??ستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پا??ستاني نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پا??ستان جا نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عا??مي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پا??ستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پا??ستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عا??مي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عا??ر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عا??ر ابراهيم ب?? ملاقات ۾ موجود هئا.