اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر 30 ڊسمبر 2021ع تي اتر وزيرستان ۾ سرچ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر حوالدار محمد منور ۽ سپاهي محمد شيراز جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ص??ر سپاهي ذڪاءُ الله ۽ سپاهي فرحان جي پونئيرن س??ن پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 5 جنوري تي ٽانڪ ضلعي ۾ سرچ آپريسن دوران شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ص??ر سپاهي شعيب حسن ۽ سپاهي فريدالله جي پونئيرن سان رابطو ڪيو. صدر ڪيچ ضلعي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ منظور عباس ۽ سپاهي عبدالفتح جي وارثن س??ن پن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي الياس جي وارثن س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.