اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن جي 5 رڪني وفد پارل??ام??نٽ هائوس جو دورو ڪيو. پارل??ام??نٽ هائوس اچڻ تي سينيٽ عملدارن وفد ج?? آجيان ڪئي. وفد کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو ۽ سينيٽ جي ڪم جي طريقيڪار، قانونسازي ۽ پارلياماني معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد سينيٽ ميوزيم ۾ ملڪ جي مشهور سياستدانن جي مجسمن ۽ تاريخي تصويرن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد کي وفاقي يونٽس ??ي وچ ۾ قومي هم آهنگي جي فروغ لاءِ سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ويو. وفد استقبال تي سينيٽ عملدارن جو ٿورو ادا ڪيو.