اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئ?? رهي آهي، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ م??قع?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اه??ن خيالن ??و اظهار هن نوجوانن جي معاملن ??ابت خاص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا م??قع?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئ?? رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور جي ڪاميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا م??قع?? ميسر اچڻ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي و??ي، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي و??يراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي و??لڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.