اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ چين واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي شعبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تعاون ۽ مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي چئن ڏينهن جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ ويجهي ٻطرفي تعاون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين صحت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪ چين قيادت ملاقاتن دوران علائقائي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظرين جي هڪ جهڙائي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پاڪ چين حصيداري کي فروغ ??يڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ور??ايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چين سان ويجهي دوستي کي پاڪ??تا??ي عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي حمايت کي ور??ايو. پاڪ??تا?? ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چين جي لاءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چين پاڪ??تا?? جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ??يڻ جي عزم کي ور??ايو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ علائقائي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثيت سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ان جي رهواسين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ کي سمورن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ??تا?? سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ور??ايو جڏهن ته چيني ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پاڪ??تا?? کي ساراهيو. چين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ??تا?? جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ور??ايو. افغان??تا?? جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغان??تا?? خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون.