اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فوجداري نظام اصلا??ات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، بار ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪ?? بار راولپنڊي، ڊسٽرڪ?? بار جهلم، هاءِ ڪور?? بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪ?? بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪ?? بار مانسهره ۽ تعلقي بار حويليان جي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نو??وا?? وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب ??وا?? پروگرام تحت سستا قرض فر??هم ڪيا ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته بار ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نو??وا??ن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪ?? بار جهلم سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جهلم کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جهلم جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لاڳت سان جلال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان جهلم ٻن لائين واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان تائين رستو هن سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته ان رستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مانسهره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته بار ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، بار ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪ?? بار راولپنڊي جي صدر ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪ?? بار جهلم جي صدر چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسميع کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان راجا ايڊووڪيٽ ميان عبدالرحمان، محمد انعام الحق، پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين، هاءِ ڪور?? بار ايبٽ آباد جي صدر حاجي صابر حسين تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪ?? بار ايبٽ آباد جي صدر عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سميع الرحمان، ڊسٽرڪ?? بار مانسهره جي صدر بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي بار حويليان جي صدر رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظهير خان ۽ نائب صدر سعيد خان شامل هئا، بار ايسوسئيشنز جي ميبرن وقت فر??هم ڪرڻ تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو ٿورو به ادا ڪيو.