اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين شهباز شريف، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته انهن جي مُلاقات ڏسو انهن جا چهرا ڏسو، ??هي عمران خان کي هٽائي پنهنجي اولاد ۽ مال جو سوچيندا يا قوم جو؟. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سڀ ڦورو پاڪستان ??ي ڦرلٽ جو مال سمجهن ٿا انهن سمورن کي جيلن ?? هجڻ گهرجي نه ڪي انهن کي اها اجازت ڏني وڃي ته ??هي ملڪ جي خلاف سازشون ڪندا وتن.