اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پشاور ڪوچه رس??لد??ر جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جاني?? جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا بيانن ۾ هنن چيو ته ڪوچه رس??لد??ر جامعه مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪو دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻو آهن، پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهشتگردي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ?? جي پونئيرن سان دلي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.